سکھر
يٹڪراٺو بیورو چیف سید نصیر حسین زیدی
ٺيڪراٺو جي واهن بمبلي ۽ مبارڪپور مائينر ۾ هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو
احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته بمبلي مائنر ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي خانپور مهر ۾ واھ جا دروازا بند ڪري چند بااثرن کي راضي ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته ٿورو گهڻو پاڻي اچي رهيو آ اهو پاڻي به آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان چوري ٿيڻ لڳو آهي مظاهرين سنڌ سرڪار هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي کاتي جي اعلي عملدارن کي اپيل ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي ڪري پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري سندن معاشي قتل بند ڪيو وڃي مظاهرين پاران پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعرا پڻ لڳايا ويا
ان موقعي تي چيئرمين امام بخش مهتم ٻڌايو ته مبارڪپور,بمبلي ۽ لٺ مائينر تي ٿيندڙ هزارين ايڪڙ زمين پاڻي نه هجڻ ڪري بنجر بڻيل آهي تنهنڪري آبپاشي کاتي سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪجي ٿو ته مبارڪپور,بمبلي ۽ لٺ مائينر ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ته جيئن هتان جا آبادگار آبادي ڪري سگهن
ان موقعي تي ڪمشنر سکر ۽ ڊائريڪٽر سيڊا گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته خانپور مهر کان مٿي پاڻي جا گيٽ بند ڪرڻ ۽ خانپور مهر کان شاهپور مهر تائين لڳل غيرقانوني لفٽ مشينن جي به انڪوائري ڪرائي وڃي
خبر موجب
ٺڪراٺو جي واهن بمبلي مائنر ۽ مبارڪپور مائنر جي آبادگارن واهن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو بمبلي مائنر جي آر ڊي 79 وٽ مبارڪپور پنوعاقل روڊ جي نُهجا پل تي آبادگارن احتجاج ڪيو آبپاشي عملي خلاف ۽ پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعرا هنيا مظاهرين محمد سليمان مهر,استاد حاجي چنڊ مهر,رئيس امام بخش مهتم,ريشم فقير مهر, وڏيرو علي اصغر مهر,پير بخش مهتم,شهري اتحاد ٺيڪراٺو جو اڳواڻ ڊاڪٽر امداد حسين منگي,گلزار احمد سولنگي,شاهنواز ملڪ ۽ ٻين ميڊيا آڏو ڳالهائيندي الزام هنيو ته بمبلي مائينر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي هنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان بااثرن آر ڊي 19 خانپور مهر وٽان زبردستي گيٽ بند ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اچي پيو اهو به واھ جي ٻنهي پاسن کان لفٽ مشينن ۽ پکن ذريعي رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب شاهپور مهر کان هيٺ واهن ۾ هڪ فوٽ پاڻي هلي رهيو آهي, اسان اوڌر کڻي سارين جو ٻج پوکيو آ ان سميت ڦٽيون,ڪمند ۽ پوکيل گاھ سڙڻ لڳا آهن سارين جا ٻيجارا بالٽين تي ڀرائي رهيا آهيو اسان سان وڏو ظلم آهي وڏا ذميندار ۽ ڪامورا ته آرام سان ستا پيا آهن اسان جي ننڊ حرام آهي مسڪين ماڻهون آهيون اسانجي ٻارهن مهينن جو گذر سفر ان فصلن تي آهي جيڪڏهن فصل ٽائيم تي نه ٿيا ته ماڻهون خودڪشين طرف ويندا هتان جي چونڊيل نمائندن کي به هن عوامي مسئلي ڏانهن ڌيان ڪرڻ گهرجي گهٽ ۾ گهٽ جيڪو پاڻي آيو آهي انکي ته بند نه ڪيو وڃي پاڻي بند ڪرڻ سبب اسانجو معاشي قتل ٿي رهيو آهي هوڏانهن ايس ڊي او ايريگيشن خانڳڙھ سب ڊويزن اعجاز مهر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ مٿان کان آهي اسان مٿي نوٽ ڪرايو آهي جلد بمبلي مائنر سميت واهن ۾ پاڻي وڌندو باقي لفٽ مشينن ۽ گيٽ بند ڪرڻ واري ڳالهين کي به چيڪ ڪريون ٿا جيڪڏهن ڪو غير قانوني لفٽ هڻندو ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي جڏهن ته مظاهرين سنڌ سرڪار سميت هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي عملي کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا اسان کي پاڻي ڏئي اسانجو معاشي قتل بند ڪيو وڃي.