November 26, 2026

پاڪستان جنرلسٽ ايسوسيئيشن رجسٽرڊ پاران صحافين کي تعارفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي ان تقريب جا خاص مهمان

20250728_123934

(رپورٽ دعا نیوز بیوروچیف سندھ عبدالقیوم شیخ

) پاڪستان جنرلسٽ ايسوسيئيشن رجسٽرڊ پاران صحافين کي تعارفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي ان تقريب جا خاص مهمان سيڪريٽري حڪومت جاويد صبغت الله مهر، ڊپٽي سيڪريٽري وومين ويلفيئر ڊپارٽمينٽ عبدالغفار شيخ، صدر ٺٽو بار ايسوسيئيشن ايڊووڪيٽ سيد اعجاز حسين شاهه، چيئرپرسن وومين ونگ آف انٽرنيشنل هيومن رائٽس موومينٽ وقار النساء محمد نبي خان ھئا هن تقريب ۾ سينئر صحافي شيراز واريو، قادر بخش جاکھرو عبدالقیوم شیخ عبدالحميد چنڊ واحد شورو مرزا اڪبر بيگ، جاويد لطيف ميمڻ، ڊي بي شمس ناھيو شعيب قريشي، ڊاڪٽر ابراهيم ڀٽي، ڪاشف جوڻيجو، بابو جان سجاولي، شفيق جوکيو، ساجد شيخ شاهجهان بلوچ، وفا اڪرم عباسي، سيد تشڪيل شاهه، اجي ڪمار خالد ڪيهر، حميد چنا ۽ ٻين کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا ان موقعي تي جاويد صبغت الله مهر ذوالفقار آباد پروجيڪٽ، ڊپٽي سيڪريٽري عبدالغفار شيخ، عورتن جي ڀلائي واري کاتي سيد اعجاز حسين شاھ حڪومت طرفان منظور ڪيل قانونن انساني حقن واري کاتي حڪومت سنڌ ضلع ٺٽي جي انچارچ الطاف حسين تنيو شڪايت سيل بابت تفصيلي ڳالھيو جڏهن تہ نبي خان دراني پي جي اي بابت ڳالھيو ان موقعي تي جاويد لطيف ميمڻ ۽ وقار النساء ضلعي ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ خواتين کي پيش ايندڙ مسئلن بابت نشاندهي ڪئي ۽ آگاهي پروگرامن ۽ ڪوآرڊينيشن ميٽنگن تي زور ڏنو. ان حوالي سان وڌيڪ پروگرام منعقد ڪيا ويندا سيد آصف شاهه، مختلف پريس ڪلبن جي صحافين ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن هن باوقار تقريب ۾ خاص طور تي شرڪت ڪئي. مرڪزي چيئرمين ميان اشتياق علي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سڀني صحافين کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ڪجهه صحافي ٺٽي ۾ نه هجڻ جي ڪري پنهنجا سرٽيفڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيا. انهن کي سرٽيفڪيٽ بعد ۾ ڏنا ويندا ۽ ضلعي باڊي جو اعلان ڪيو ويندو