ٺٽو رپوٽ عبدالعزعز شيخ پريس ڪلب ايوان صحافت مکلي سخت احتجاج ۽ فوري انصاف جو مطالبو
ٺٽو رپوٽ عبدالعزعز شيخ پريس ڪلب ايوان صحافت مکلي
سخت احتجاج ۽ فوري انصاف جو مطالبو
ڊسٽرڪٽ تاجر اتحاد ٺٽو جي جنرل سيڪريٽري حاجي انيس اختر ميمڻ انيس سپر اسٽور مڪلي تي ڪم ڪندڙ ڳوٺ غلام محمد بروهي جي رهواسي نوجوان شير علي تي ٿيل مبينا وحشياڻي تشدد واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته نقاب پوش هٿياربندن پاران هڪ نوجوان کي اسٽور مان گهلي ٻاهر ڪڍي سرعام تشدد جو نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، غير قانوني ۽ امن امان لاءِ وڏو خطرو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ترت قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي ته اهڙن واقعن سان شهرين ۽ واپارين ۾ خوف ۽ بيچيني وڌندي. شير علي کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس علاج جاري آهي.
حاجي انيس اختر ميمڻ مطالبو ڪيو ته هن واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي بنا ڪنهن دير جي گرفتار ڪري قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ته جيئن متاثر خاندان کي انصاف ملي ۽ مستقبل ۾ ڪو به اهڙي قسم جي دهشتگردي ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.
ڊسٽرڪٽ تاجر اتحاد ٺٽو متاثر خاندان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي اعليٰ اختيارين، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کان مطالبو ڪري ٿي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي جلد از جلد ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي.